حڪيم پير معين الدين لائبريري نوابشاهه

حڪيم پير معين الدين لائبريري، نوابشاهه: نوابشاهه شهر ۾ قائم هن لائبرريءَ جو باني مشهور بزرگ پير معين الدين کيانروي هو. هن هيءَ لائبرري 1925ع ڌاري ٺهرائي. معين الدين پاڻ هڪ سٺو حڪيم ۽ وڏو عالم هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ علمي ذوق سبب قلمي نسخن اخبارن، رسالن ۽ ڪثير تعداد ڪتابن جي صورت ۾ پنهنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي. سندس وفات کان پوءِ لائبرريءَ جو اڳيون اوج نه رهيو. هن لائبرريءَ جا ڪجهه اهم قلمي نسخا پير جي فرزند عبدالوهاب سنڌالاجيءَ کي وڪرو ڪري ڏنا. جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب اڃا هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو